مزاحمتي شاعريءَ جو شاهڪار ڪتاب: ”تون نه لکندين ته ٻيو ڪير لکندو“

تحرير: ڊاڪٽر رضا چانڊيو

ارڏي اترادي سان منهنجي پهرين ۽ ان کانپوءِ واريون ملاقاتون ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جي رهائش گاهه "خليفي جو گهر”  ڄامشوري ۾ ٿيون. جتي اڪثر مان حاضري ڀرڻ ويندو آھيان، ڊاڪٽر عبدالمجيد جو مان مداح آھيان سندس پيار ، شفقت ۽ شخصيت جي مقناطيسي ڪشش ئي ڪجهه اهڙي آھي جو هفتي ٻن جي وقفي سان، ڪيڏي مهل صبح ته ڪيڏي مهل شام جو وڃي وٽس نڪرندو آھيان اتي اڪثر مونکي "ارڏو اترادي” ويٺل ملندو آھي "ارڏو اترادي”، اديب، شاعر، استاد، محقق،ڪالم نويس، انسان دوست، پيار ۽ پاٻوهه واري متاثر ڪندڙ شخص آھي. جڏھن پهريون ڀيرو تعارف ڪرايائين ته مونکي ڪٿي به منجهس ڪا "ارڏائي "ڏسڻ ۾ ڪانه آئي.سادو سودو ملنسار،کلمک، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محبتي ماڻھو آهي.

15 فيبروري  جي ڏينهن، منهنجي دوست ۽ ڪلاس فيلو ڊاڪٽر افتخار علي شيخ سان  گڏجي ،جيئن ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جي حاضري ڀرڻ وياسين، ته خبر پئي ته ارڏو اترادي منهنجي  لاءِ پنج ڪتاب ڇڏي ويو آھي ! جنهن ۾ سندس تازو ڇپيل ڪتاب "تون نه لکندين ته ڪير لکندو؟”به شامل هيو.

ارڏي اترادي جا  يارنهن ڪتاب  شايع ٿي چڪا آهن، لکڻ جو شوق کيس ٻاراڻي وهي کان هيو، 1969پهريان سندس تخلص "عاجز” باجڪاڻي هيو، جيئن ته سندس شاعري مزاحمتي هئي،  ان لاءِ ڊاڪٽر ملڪ نديم  جي اسرار تي هن پنهنجو تخلص عاجز مان تبديل ڪري ارڏو رکيو، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ اڄ کيس سڄي سنڌ ارڏي اترادي جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ارڏو اترادي بنيادي طور مزاحمتي شاعر آھي، سندس لفظ سادا سودا پر سورنهن آنا سچ هوندا آھن.سندس جي سموري زندگي محنت همت ۽ حوصلي سان، ڌرتي جا اهنج ۽ ايذاءُ لکڻ ۾ صرف ٿي آھي،جهڙوڪر هن پنهنجي وجود کي انسان ذات جي ڀلائي ۽ ڌرتي  لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي،قلم جي نوڪ جو هڪ ڇيڙو هن ساهه سان ڳنڍي ٻڌي ڇڏيو آھي! هروقت سندس جون آڱريون ڪجهه نه ڪجهه لکڻ ۾ مصروف ۽ مهو رهن ٿيون!

سندس تازو ڇپجي آيل ڪتاب ”تون نه لکندين ته ڪير لکندو؟ “ سندس شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو  هڪ سئو چار صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي. جنهن جي ارپنا استاد اڳواڻ ، اديب، شاعر ، سياسي ۽ سماجي متحرڪ ڪردار  انتظار ڇلڳري جي نانءُ ٿيل آھي ۽ هن ڪتاب جو طويل مهاڳ حافظ عبدالقادر "عبد ڇلڳري لکيو آھي.جنهن ۾ ھن ارڏي جي مختلف ڇپيل ڪتابن جا حوالا به ڏنا آھن ته تبصرو به ڪيو آھي. ڪتاب جي آخري صفحي 104 تي ارڏي اترادي جي ڇپيل ڪتابن، جنهن ۾ شاعري، نثر، تعارف ۽ گڏيل شاعري جي ڪتابن جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آھي.99 صفحي تي سندس هڪ يادگار انٽرويو پڻ  ڏنل آھي، ارڏي کي ڌرتي ۽ مارن سان بي انتها پيار آھي،هو ڪنهن به صورت ۾ ساڻن بي واجبي  برداشت ڪري نٿو سگهي ۽ چوي   ٿو ته

 هن دور جا مسئلا، اڳيان هي پيش آھن،

مارو مٺا مرن ٿا،غيرن  لاءِ عيش آھن،

اي سنڌ تنهنجي خاطر،هر ظلم سان ٻکان ٿو.

ارڏو جڏھن ڏسي ٿو ته هر طرف انڌير لڳو پيو آھي،ڪو به ڪون ٿو ڪڇي،نڪي پڇي نڪي وري لکي!  سچ ۽ حق لکڻ  لاءِ ھمت، حوصلو، جرئت، سهپ ۽قرباني ڏيڻ جي سگهه گهرجي، تڏھن پنهنجي پاڻ کي همت ڏياريندي چوي ٿو ته:

تون نه لکندين ته ڪير لکندو؟

ٻيو ڪير هي انڌير لکندو؟

ٻيو لکندو ته ڦير لکندو،

ٻيو ته ٻٻرن ۾  ٻير لکندو.

هي ڪتاب مزاحمتي ادب جو شاهڪار ڪتاب آهي جيڪو سياسي ڪارڪنن ۽ سنڌ سان  محبت ڪندڙ  ماڻهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇا ڪاڻ ته سنڌي ادب ۾  وڏي وٿي کان پوءِ هڪ اهڙو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ڏنل شعر  اسٽيجن، جلسن ۽ جلوسن ۾  پڙهي مايوس ٿيل ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي  کين اتساهه ڏئي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.