رمضان رليف پيڪيج: 13 هزار رپيا ڪيئن حاصل ڪجن؟ طريقي ڪار ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج تحت 13 هزار رپيا حاصل ڪرڻ لاءِ طريقي ڪار ۽ اهليت جا شرط سامهون اچي ويا.
وفاقي حڪومت وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج شروع ڪيو آهي ته جيئن گهٽ آمدني وارن خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪري سگهجي.
اها امداد CNIC-based ڊجيٽل سسٽم ذريعي سڌي ريت اهل گهرن تائين پهچندي، جنهن ۾ ڊگهون قطارون ۽ فارم نه هوندا.
درخواست ڪيئن ڏجي؟
پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 9999 تي ايس ايم ايس ڪيو
سسٽم مان تصديقي پيغام وصول ڪيو
اهل هجڻ جي حيثيت ايس ايم ايس ذريعي جاچيو
سهولت سڀني وڏن موبائل نيٽ ورڪس تي موجود
رڳو سرڪاري چينلز استعمال ڪيو، دوکيبازي يا ٽين ڌر کان بچو
اهليت جا شرط
درست سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ
گهٽ آمدني يا حقدار گهراڻو
فعال ٽيڪس ڏيندڙ نه هجي
سرڪاري ملازم نه هجي
ڊيٽا سرڪاري رڪارڊ سان مطابقت رکجندي هجي
رمضان رليف پيڪيج جي ڪل ماليت 39 ارب رپيا آهي، جنهن مان 10 ارب رپيا اڳ ئي بي آءِ ايس پي وٽ آهي ۽ باقي 29 ارب رپيا ضمني گرانٽس، آپريشنل خرچن ۽ ٻيهر مختص ٿيل فنڊن ذريعي فراهم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.