برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل سان واسطو رکندڙ سوشل ميڊيا انفلوئنسر بيانڪا ڊياس پلاسٽڪ سرجري کانپوءِ پيش ايندڙ مسئلن سبب 27 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بيانڪا ڊياس کي تازو سرجري کانپوءِ سائو پائولو ڀرسان پنهنجي گهر اوچتو ساهه جي تڪليف پيش آئي.
کيس فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي خبر پئي ته کيس پلمونري ايمبولزم (ڦڦڙن ۾ رت جو ڳوڙهو) ٿيو آهي، ڊاڪٽر ڪوشش باوجود سندس حياتي نه بچائي سگهيا.
بيانڪا جي دوست ٻڌايو ته هن سرجري ڪرائي هئي ۽ صحتيابي دوران کيس ٻه ڀيرا دورا پيا ۽ ڦڦڙن ۾ رت جو ڳوڙهو ٺهي ويو هو، اسپتال پهچڻ تائين بيانڪا جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي هئي.
توڙي جو سرجري جي نوعيت بابت باضابطا طور تي ڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا پر ٻڌايو ويو آهي ته هوءَ آپريشن جي رڳو 18 ڏينهن کانپوءِ موت جي منهن ۾ هلي وئي.
بيانڪا ڊياس سوشل ميڊيا تي تقريبن 60 هزار فالوئر رکندي هئي ۽ لائف اسٽائل ۽ ماڊلنگ بابت مواد شيئر ڪندي هئي.
You might also like