هراساني الزامن تي تڪرار، هانيا عامر به چپ نه رهي سگهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ جاري تازي تڪرار تي مشهور اداڪارا هانيا عامر به چپ نه رهي سگهي ۽ پنهنجو واضح موقف بيان ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث کانپوءِ اداڪارا چيو آهي ته هوءَ هراساني ۽ استحصال جهڙن معاملن تي ڪنهن به قسم جي نرمي يا سوديبازي جي قائل ناهي ۽ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي رکي ٿي.
هي معاملو ان وقت بحث هيٺ آيو جڏهن اڳوڻي ماڊل ماهه نور رحيم اداڪارا تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ هڪ اهڙي پروڊيوسر جي ويجهي دوست آهي جنهن تي هراساني جا الزام لڳايا ويا آهن، ان سان گڏ ڪجهه ماڊلز ۽ اداڪارائن سوشل ميڊيا تي مبينا پيغامن جا اسڪرين شاٽس پڻ شيئر ڪيا، جنهن کانپوءِ معاملو ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
ان معاملي تي ردعمل ڏيندي هانيا عامر انسٽاگرام ذريعي وضاحت ڪئي ته کيس معاملي بابت اڳواٽ ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي هوءَ ڪنهن به نموني ان ۾ شامل رهي آهي.
هن پنهنجي پيغام ۾ ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي وقار ۽ تحفظ کي متاثر ڪندڙ ڪو به رويو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي ۽ اهڙن حساس معاملن کي سنجيدگي ۽ احترام سان ڏسڻ ضروري آهي.
اداڪارا انهن عورتن جي حق ۾ به آواز اٿاريو جن مبينا طور شڪايتون سامهون آنديون ۽ چيو ته شوبز سميت هر شعبي ۾ محفوظ ماحول جي فراهمي وقت جي اهم گهرج آهي.
هن اهو به ٻڌايو ته موجودا خدشن کي نظر ۾ رکندي هن لاڳاپيل پروڊيوسر کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪنهن به سماجي يا پيشيوراڻي وابستگي کي ڪنهن ٻئي شخص جي عمل جي حمايت نه سمجهيو وڃي.
پنهنجي بيان ۾ هن احتساب، گڏيل احترام ۽ محفوظ پيشيوراڻي ماحول جي واڌاري جو عزم ورجائيندي چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آهي ته هاڃيڪار روين خلاف اواز بلند ڪيون ۽ متاثرن جي حمايت ڪريون.
سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي بيان کي مختلف قسم جا تبصرا سامهون اچي رهيا آهن، وڏي انگ ۾ مداحن هراساني خلاف واضح موقف اختيار ڪرڻ تي سندس واکاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته کيس وڌيڪ کُليل انداز ۾ نالا کڻي پنهنجي ڳالهه رکن گهرجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.