ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل مهيني عهدي تان هٽايل پير محمد شاهه کي ٻيهر ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي تي مقرر ڪيو ويو آهي.
20 گريڊ جي آفيسر پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مظهر نواز شيخ کان ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي جي واڌو چارج واپس ورتي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه کي سندس عهدي تان هٽائي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽرفڪ مقرر ڪيو ويو هو.