لوئر دير (ويب ڊيسڪ) تيمر گره جي علائقي ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ عورت هڪ ئي وقت ٽن ٻارن کي جنم ڏنو.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ماءُ ۽ ٽئي ٻار صحتمند آهن، پيدائش کانپوءِ ٻارن کي اسپتال جي خاص وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
اسپتال انتظاميا موجب عورت نارمل ڊليوري ذريعي ٽنهي ٻارن کي جنم ڏنو، ان عمل کي ٽن ڊاڪٽرياڻين جي ٽيم مڪمل ڪيو، ان کان اڳ عورت کي ڪو اولاد ناهي ۽ هي سندس پهريان ٻار آهن.
تازن ڄاول ٻارن ۾ هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل آهن.
You might also like