لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت اڃا تائين رمضان پيڪيج جو اعلان به ناهي ڪري سگهي، ان لاءِ پي ٽي آءِ باني جي اک، ڏند ۽ جيل ۾ سهولتون اهم آهن.
هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ”رمضان نگهبان پيڪيج“جي ورڇ جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي، هر مستحق کي ميرٽ جي بنياد تي سندس در تي امداد پهچائي پئي وڃي.
هن ڪي پي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪي پي حڪومت اڃا تائين رمضان پيڪيج جو اعلان به ناهي ڪري سگهي، ڪي پي حڪومت لاءِ (پي ٽي آءِ) باني جي اک، ڏند ۽ جيل ۾ آسائشون اهم آهن، گذريل سال به ڪي پي حڪومت جو رمضان پيڪيج پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي فهرستن تي ڏنو ويو، پر پنجاب ۾ باظابطا سروي تحت 42 لک خاندانن کي رمضان نگهبان ڪارڊ ملي رهيا آهن.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ان تحت ئي مسيحي برادري کي به امدادي رقم الڳ سان ملي رهي آهي، پنجاب واحد صوبو آهي جتي 74 سهولت بازار فعال ٿي چڪا آهن، مريم نواز شريف جي دسترخوان مان روزانو هر تعلقي ۾ 2 هزار روزيدارن کي افطار ڪرائي پئي وڃي.