پنجاب ۾ جهاز کانپوءِ بيوروڪريسي لاءِ لگزري گاڏين جي منظوري

لاهور (عمران شفقت) پنجاب حڪومت بيوروڪريسي لاءِ نئين ٽرانسپورٽ پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن کي لگزري گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هڪ تازي نوٽيفڪيشن موجب، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي ٽي وڏيون گاڏيون فراهم ڪيون وينديون، جن ۾ 1800 سي سي ۽ 4700 سي سي گاڏيون شامل آهن. ان کان سواءِ، انهن کي هر مهيني 800 ليٽر پيٽرول فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته انهن جي گاڏين لاءِ پيٽرول تي ڪا به حد نه هوندي. اڳ ۾، چيف سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي 1300 سي سي ۽ 1600 سي سي گاڏيون فراهم ڪيون وينديون هيون، پر هاڻي انهن لاءِ گاڏين جي حد وڌائي 1800 سي سي ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ، گريڊ 21 ۽ 22 جا آفيسر پڻ 1800 سي سي کان 2200 سي سي تائين ٻه گاڏيون استعمال ڪري سگهندا ۽ پيٽرول تي ڪا به حد نه هوندي. بيوروڪريسي ۾ هن تبديلي جي پس منظر ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن. ڪيترن ئي حلقن جو چوڻ آهي ته هي نئين پاليسي بيوروڪريسي جي شاهي طرز جي زندگي کي هٿي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته عوامي سطح تي هن پاليسي کي عيش عشرت جو برابر سمجهيو پيو وڃي. ماضي ۾، محمد خان جوڻيجي جي دور ۾، بيوروڪريسي کي 1000 سي سي گاڏين تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن کان پوءِ بيوروڪريٽن سخت مزاحمت ڪئي. ان کان سواءِ، نئين پاليسي تحت، سرڪاري دورن تي بيوروڪريٽن لاءِ پيٽرول تي ڪا به حد ناهي رکي وئي، جيڪا عوام کي وڌيڪ ناراض ڪري رهي آهي. ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته بيوروڪريسي جو هي رويو ۽ عيش عشرت گاڏين جي فراهمي سياسي اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف، پنجاب جي وزيراعليٰ پاران سرڪاري دورن لاءِ هوائي جهازن جي استعمال جو به ذڪر ڪيو پيو وڃي، جنهن تي مخالف ڌر پاران سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪنهن صوبي جي وزيراعليٰ جون ترجيحون عوامي مسئلا نه پر عيش عشرت گاڏيون ۽ هوائي جهاز بڻجي وڃن ٿيون، ته عوام بيچين ٿي ويندو آهي. هي نئون قدم انهن حلقن ۾ وڌيڪ سوال اٿاري رهيو آهي جتي بيوروڪريسي جي شاهي زندگي ۽ سرڪاري ڪرپشن بابت خدشا آهن. انهن سڀني تبديلين جي وچ ۾، اهو ڏسڻو آهي ته ڇا بيوروڪريسي هن نئين پاليسي تحت بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندي يا ان جا اثر ماڻهن جي کيسي تائين محدود هوندا. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته بيوروڪريسي سمجهي ٿي ته هي ڪهڙو ووٽ ذريعي آيا آهن، اسان ئي هنن کي آندو، هاڻي هي جهازن تي گهمندا ته اسان لاءِ ساڳيون پراڻيون ۽ ننڍيون گاڏيون هونديون؟ اها هڪ ڏوهي ڳٺ جوڙ آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته بيوروڪريسي کي اجايو فيور ڏني پئي وڃي، اهو ان لاءِ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي بڻجن. اعليٰ ذريعن موجب، چيف سيڪريٽري جهڙن آفيسرن وٽ 30 کان وڌيڪ گاڏيون هونديون آهن ۽ اهي رٽائر ٿيڻ تي واپس به ناهن ڪندا. پنجاب حڪومت پاران هاڻي کين باقاعده اجازت ڏني وئي آهي. ڪامورا شاهي چوي ٿي ته وزيراعليٰ وٽ به اڳ جهاز موجود هو پر هنن نئون ورتو، اسان کي به نيون گاڏيون ملڻ گهرجن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 21 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.