ايس ايس پي جي بدلي تان سنڌ حڪومت ۾ اختلافن تي صدر زرداري جو سخت رد عمل

اوٽاوا/اسلام آباد (حنيف دوامي) سنڌ پوليس جي هڪ ايس ايس پي پنهنجي منتقلي کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گهرو معاملن جي اهم شخصيت وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا. ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ صدر کي معاملي بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ٻنهي اڳواڻن کي اسلام آباد ۾ ايوان صدر طلب ڪيو، ٻئي هڪ ئي جهاز ۾ پهتا، جتي ٻنهي کي ٻڌو ويو. ان دوران، اهو واضح ٿي ويو ته معاملي ۾ ڏوهي اعتراض ڪندڙ آهي، اهم شخصيت وڏي وزير مراد علي شاهه جي رٽ کي چئلينج ڪيو هو، جنهن تي صدر پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سخت رد عمل ڏيندي کيس پنهنجي حدن ۾ رهڻ جو چيو. صدر چيو ته مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير آهي ۽ هو صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. اهم شخصيت کي ڇنڊ پٽي واپس روانو ڪيو ويو. صدر وڏي وزير کي صلاح ڏني ته صبر ڪري ۽ ننڍن ماڻهن سان معاملن ۾ ڦاسڻ کان پاسو ڪري، صدر چيو ته توهان چيف ايگزيڪٽو آهيو، توهان تي اهم ذميواريون آهن. ذريعن موجب، حيدرآباد کان ايس ايس پي عديل چانڊيو جي بدلي تي اعتراض هن معاملي جو سبب هو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 21 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.