وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم، درخواست ڏيندڙن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ درخواست ڏيندڙن لاءِ اهم خبر اچي وئي آهي.
هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اَي سِي) جي چيئرمين نياز احمد اختر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپس ورهائڻ وارو عمل هاڻي مڪمل طور تي جاري آهي.
ايڇ اي سي چيئرمين درخواست ڏيندڙن کي پيغام ڏنو ته سندن يونيورسٽيز ۾ ليپ ٽاپس پهچايا ويا آهن، هو پنهنجي يونيورسٽي جو دورو ڪن، لاڳاپيل فوڪل پرسن وٽ ضروري دستاويز جمع ڪرائين ۽ پنهنجو ليپ ٽاپ حاصل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.