ايران تي حملي بابت سوچي رهيو آهيان: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران خلاف محدود فوجي ڪارروائي تي غور ڪري رهيو آهي، پر ان بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ٽرمپ کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته ڇا هو ايران تي محدود پئماني تي حملي جو سوچي رهيو آهي؟ جنهن تي آمريڪي صدر چيو ته ”منهنجي خيال ۾ مان اِهو ٻڌائي سگهان ٿو ته مان ان حوالي سان غور ڪري رهيو آهيان.“
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل انڪشاف ڪيو هو ته آمريڪي صدر ايران خلاف محدود فوجي ڪارروائي تي غور ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.