رانا شوڪت پاران موتمار ڌمڪين جي الزامن تي شارق جمال جو موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ رانا شوڪت طرفان ڌمڪين جي الزامن واري معاملي تي شارق جمال جو موقف سامهون اچي ويو.
ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي شارق جمال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي اسان جو پنهنجو معاملو آهي، رانا شوڪت کي روزو لڳو هو.
هن وڌيڪ چيو ته هي اسان جو معاملو هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ايم پي اي رانا شوڪت پنهنجي ساٿي ميمبرن تي قتل جي ڌمڪين جو الزام لڳايو هو.
ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي رانا شوڪت پنهنجي ساٿي شارق جمال تي موتمار ڌمڪين جو الزام لڳائيندي چيو ته ”مون کي شارق ڌمڪي ڏني آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.