اڳوڻي زال جا عماد وسيم تي سنگين الزام، ڌمڪين وارن پيغامن جا اسڪرين شاٽس به شيئر ڪري ڇڏيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم جي اڳوڻي زال، ثانيا اشفاق عماد وسيم طرفان موڪليل واٽس ايپ پيغامن جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪري ڇڏيا.
گذريل ڪجهه ڏينهن دوران، ثانيا اشفاق انسٽاگرام تي ڪيترائي پيغام شيئر ڪيا، جنهن ۾ هن اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر مٿان ڌوکي، ٻارن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻار ڪِيرائڻ تي مجبور ڪرڻ جهڙا سنگين الزام لڳايا ويا.
ثانيا اشفاق جولاءِ 2025 واري واٽس ايپ چيٽس جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا آهن، جنهن ۾مبينا طور ڪرڪيٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ساڻس هن (ثانيا) يا سندس خاندان رابطو ڪيو ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسڪرين شاٽس موجب، جڏهن ثانيا ڳورهاري هئي تڏهن هن عماد وسيم کان درخواست ڪئي ته ٻار جي پيدائش وقت موجود رهي، پر ڪرڪيٽر سخت جواب ڏيندي شرطن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ مبينا طور پوليس ۾ شڪايت جي ڌمڪي ڏني.
گذريل ڏينهن،ثانيا اشفاق هڪ وڊيو پيغام به شيئر ڪيو جنهن ۾ هن عماد وسيم تي ڊسمبر 2023 ۾ ٻار ڪِيرائڻ تي مجبور ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ کيس قاتل قرار ڏنو، هن دعويٰ ڪئي ته وٽس الزامن جا ثبوت پڻ آهن.
هن اسلام آباد يونائيٽڊ کان به درخواست ڪئي ته پنهنجن ظابطن ۽ قدرن تحت ڪرڪيٽر خلاف ڪارروائي ڪن.
ان کانسواءِ ثانيا اشفاق وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کان به اپيل ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪئي وڃي.
واضح رهي ته عماد وسيم ۽ ثانيا اشفاق جي شادي 2019 ۾ ٿي، جڏهن ته ڊسمبر 2025 ۾ طلاق ٿي، عماد وسيم پنهنجي پهرين شادي جي خاتمي کي زندگي جو سڀ کان ڏکيو باب قرار ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.