لاهور)ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي آن لائن مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب. 14 کان وڌيڪ ڪاروباري سرگرمين جي آن لائن نگراني لاءِ پوائنٽ آف سيلز يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هوٽلز، ريسٽورينٽس، گيسٽ هائوسز، شادي هال، مارڪيز ۽ ريس ڪلبز ۾ پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته جتي ايئر ڪنڊيشنر جي سهولت ناهي اتي پوائنٽ آف سيلز کان ڇوٽ هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهرن ۾ هلندڙ گاڏين، ڪوريئر ۽ ڪارگو سروسز کي به پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ساڳي طرح ڊينٽسٽ، فزيوٿراپسٽ، پلاسٽڪ ۽ هيئر سرجنز، ويٽرنري ڊاڪٽرز، ميڊيڪل ليب، ايڪسري، سي ٽي ۽ ايم آر آءِ اسڪين سينٽرز تي پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، بيوٽي پارلرز، مساج سينٽرز، پيڊي ڪيور سينٽرز، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 500 رپيا فيس وٺندڙ اسپتالن کي ڇوٽ هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هيلٿ ڪلبز، جِم، سوئمنگ پولز، ملٽي پرپز ڪلبز، سول ۽ نان سول پولو ڪلب، چارٽرڊ اڪائونٽنٽس، ڪاسٽ مينيجمينٽ اڪائونٽنٽس لاءِ به پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن جي جمخانه ۽ ڪلبز ۾ پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريٽيلرز، مينوفيڪچررز ۽ امپورٽرز لاءِ به آن لائن انٽيگريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ فارين ايڪسچينج ڊيلرز، ڪرنسي ايڪسچينج ڪمپنين، خانگي تعليمي ادارن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ لاءِ به پوائنٽ آف سيلز جي شرط لاڳو هوندي، جڏهن ته هڪ هزار رپيا ماهوار فيس وٺندڙ ادارن کي ڇوٽ هوندي.