راڻا صاحب! خوش قسمت آهيو جو عمران ڊيل نه قبولي: فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو) سينيئر سياسي اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته راڻا صاحب کي هوا ۾ سياسي تير نه هلائڻ گهرجن، راڻا صاحب، سياسي وارداتون هاڻي پراڻيون ٿي ويون آهن، ڪجهه نئون سوچيو. پنهنجي بيان ۾ سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته منهنجي دوست راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ٻه ڀيرا ڊيل جي آڇ ٿي. راڻا ثناءُ الله مطابق پي ٽي آءِ جي باني ڊيل جي آڇ قبول نه ڪئي. پهرين مون کي ٻڌايو ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن؟ فيصل واوڊا چيو ته هي اهڙي ڊيل آهي جيڪا رڳو توهان جي تصور ۾ آهي، ڇا توهان کي خبر آهي؟ توهان خوش قسمت آهيو جو هن توهان جي لفظن مطابق ڊيل قبول نه ڪئي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني هن مبينا ڊيل کي قبول ڪيو هجي ها ته پوءِ هن کي سياستدانن جي پٺيان اچڻو هو، هو توهان کي نه ڇڏي ها، خبر ناهي سياستدان ڪيڏانهن وڃن ها پر هو ڪنهن ٻئي جي پٺيان نه وڃي ها نه ئي ڪنهن ۾ همت آهي.هوڏانهن راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان کي ڊيل جي آفر اسٽيبلشمينت ناهي ڪئي نه ڪبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.