رمضان المبارڪ: مهانگائي جي پاڇي ۾ عبادت جو مهينو

تحرير: اعجاز ممنائي

رمضان المبارڪ  رحمتن، برڪتن ۽ مغفرت جو مهينو آهي۔ هي اهو پاڪ مهينو آهي جنهن ۾ دلين کي سڪون، روح کي پاڪيزگي ۽ زندگين کي نئون رخ ملي ٿو۔ هن مهيني ۾ صبر، شڪر، عبادت ۽ انسانيت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي۔ ڇوته الله تعاليٰ اسان سڀني کي هن مهيني جا روزا رکڻ، قرآن سان ناتو مضبوط ڪرڻ ۽ نيڪ عملن ۾ اڳتي وڌڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. هي هڪ مقدس مهينو آهي جڏهن مسلمان روزا رکي، پنهنجي انا تي ضابطو رکي ۽ غريبن ۽ ضرورتمندن جو خيال رکي۔ هن مهيني ۾ مسلمان الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر بدقسمتي سان، هر سال اسان جي سماج ۾ رمضان المبارڪ جي آمد سان گڏ، مهانگائي جو طوفان به تيزيء سان ايندو آهي، جيڪو غريبن جي مشڪلاتن کي ويتر وڌائي ڇڏيندو آهي. جيئن جيئن ماھ مبارڪ رمضان ويجهو ايندو آهي،ته مارڪيٽن ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳنديون آهن. اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، چانور، ميوا ۽ ڀاڄيون سڀ مهانگيون ٿي وينديون آهن. عام ڏينهن ۾ ڪجهه حد تايئن سستي ٿيندڙ شيون رمضان المبارڪ ۾ غريبن جي پهچ کان ٻاهر ٿي وينديون آهن. ايئن لڳندو آهي ته هي پاڪ مهينو عبادت جي بدران آزمائشن ۽ مصيبتن جو پيغام کڻي ايندو آهي. روزو صرف اميرن تي نه پر هر بالغ مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي، سواءِ ان جي جيڪو بيمار هجي ۽ روزو رکڻ سان کيس تڪليف وڌي ان کي روزو رکڻ کان منع ڪئي وئي آهي۔

جيڪڏهن هڪ روزاني مزدوري ڪندڙ کي ٻه وقت جي ماني نه ملي ته هو سحري ۽ افطار جو انتظام ڪيئن ڪري سگهندو؟ جيڪي سڄو سال مشڪل سان گذاريندا آهن، انهن لاءِ ماھ رمضان ۾ روزمرھ جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. ٻئي طرف روزي جي عبادت، خالي کيسي وارو، هي منظر اسان جي سماج جو هڪ تلخ عڪس آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه واپاري هن پاڪ مهيني کي منافعو ڪمائڻ جو موقعو سمجهن ٿا. اهي شين جو ذخيرو ڪن ٿا ۽ مصنوعي قلت پيدا ڪري پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ايزائن ٿا، ۽ کاڌي پيتي جون قيمتون وڌي وڃن ٿيون. هي منافعي خور رويو نه رڳو غير اخلاقي آهي، پر اهو اسلامي تعليمات جي مڪمل خلاف پڻ آهي. رمضان المبارڪ صبر، رحم ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿو، پر اسان جي بازارن ۾، ان جي برعڪس، خود غرضي ۽ لالچ غالب اچي وڃي ٿي.

هر سال جيان هن سال به وزيراعظم شهباز شريف رمضان المبارڪ رليف پيڪيج تحت 38 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.هن رليف پيڪيج جاري ڪرڻ واري تقريب دوران بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال رمضان پيڪيج تحت مستحقن کي 13 هزار روپيا ڏنا ويندا۔ هن پيڪيج جو مقصد مستحق خاندانن کي عزت سان رليف مهيا ڪرڻ آهي.بي آءِ ايس پي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته 2025 ۾ رمضان پيڪيج تحت حقدارن کي 5 هزار رپيا ڏنا ويا هئا، جڏهن ته هن سال رقم بئنڪن ذريعي مستحقن تايئن سڌي ريت پهچائي ويندي.بريفنگ دوران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاڻ رمضان رليف پيڪيج واري نظام جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هڪ ڪميٽي، جنهن ۾ وزير به شامل آهن، ان پيڪيج جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪندا.شهباز شريف تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال ماھ رمضان ۾ مستحقن کي ڊجيٽل نظام ذريعي رقم ڏني وئي هئي ۽ هن سال پيڪيج لاءِ 38 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.هن چيو ته چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ رقم شفاف نظام ذريعي ورهائي ويندي ۽ هر خاندان کي 13 هزار روپيا به ڏنا ويندا.

 حڪومت جو اهو اعلان ساراھ جوڳو آهي پر انهن جي ذميواري آهي ته ماھ رمضان کان اڳ ضروري شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪري، ذخيرو ڪندڙن ۽ منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، سستي مارڪيٽن جو هڪ مؤثر نظام به قائم ڪري.ڇوته غريبن جي مدد صرف اعلانن ۽ واعدن سان نٿي ٿي سگهي، ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن رياست واقعي عوام جي ڀلائي چاهي ٿي ته ان کي ماھ رمضان ۾ خاص امدادي پيڪيج متعارف ڪرائڻ گهرجن ته جيئن ڪو به ماڻهو بکيو روزو رکڻ تي مجبور نه ٿئي.ان سان گڏ، هڪ وڏي ذميواري به حڪمرانن تي اچي ٿي ته اهي مختلف ٽيمون بنايئن جيڪي بازارن جو دورو ڪن ۽ هٿرادو اگهه وڌائڻ وارن تي سخت ڪاروائي ڪن . ڇوته ماھ رمضان صرف عبادت جو مهينو نه پر انسانيت جي خدمت جو مهينو پڻ آهي.

 جيڪڏهن سماج جو هر خوشحال ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ڪجهه ضرورتمند خاندانن جي مدد ڪرڻ جي ذميواري کڻي ته نه رڳو انهن جي گهرن ۾ سحري ۽ افطار جو انتظام ٿي سگهي ٿو، پر سماجي هم آهنگي کي به فروغ ڏئي سگهجي ٿو. زڪوات، صدقات ۽ فطري جو اصل مقصد به اهو آهي ته سماج ۾ ڪو به ماڻهو محروم نه رهي.اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اسان واقعي ماھ رمضان جي پيغام کي سمجهون ٿا. ڇا اهو صحيح آهي ته هڪ پاسي شاندار افطار پارٽيون ٿينديون هجن ۽ ٻئي پاسي هڪ غريب جي گهر ۾ چلهو به نه ٻرندو هجي۔ماھ رمضان جي خوبصورتي سادگي، قناعت ۽ ٻين جي پرواهه ڪرڻ ۾ آهي، نه ڏيکاي ۽ فضول خرچي ۾  آهي. جيڪڏهن مهانگائي ان ئي رفتار سان جاري رهي ته پوءِ ماھ رمضان غريبن لاءِ  بک ۽ ڏک جو مهينو بڻجي ويندو. اسان کي اجتماعي طور تي هن سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو. حڪومت، ڪاروباري ماڻهن ۽ عوام  کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ماھ رمضان واقعي رحمت ۽ برڪت جو مهينو بڻجي سگهي، نه مهانگائي ۽ محرومي جي علامت جو مهينو بڻجي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.