سنڌ اندر ڪڪڙين ۽ ٻين مئل جانورن جي ڇيڇڙن مان ٺهندڙ تيل جي ڪاروبار جو تڏهن انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ماهه رمضان جو مهينو شروع ٿيڻ وارو هو۔جس لهي فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ميرپورخاص جي ڊپٽي ڊئريڪٽر محترمه عقيلا جلباڻي صاحبه جنهن ميرپورخاص ۾ خوراڪي تيل جي هڪ ڪارخاني تي ڇاپو هنيو جتي ڪڪڙين جي ڇيڇڙن مان تيل ٺهي رهيو هو۔ڪارخاني ۾ مئل ڪڪڙيون انهن جا ڇيڇڙا ۽ تيل ڪڍڻ جو هڪ اهڙو انداز هو جو پسگردائي ۾ ڌپ ڦهليل هئي رهواسين ۾ پريشاني ۽ ٻوسٽ وارو ماحول هو۔ڪارخاني جو مئنيجر ايترو ته ڪو طاقتور هو جنهن ڪارخاني کي سيل ڪرڻ واري ڪاروائي دوران مزاحمت ڪندي نظر آيو مٿس پنج لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ڪارخانو سيل ڪيو ويو پر ٻئي ڏينهن تي هن طاقت جي زور تي سيلون ٽوڙي ڪارخانو ٻيهر کوليو ۽ اهو بهانو ڏنو ته اٿارٽي جي اعلي آفيسرن کيس ڪارخانو کولڻ جي زباني اجازت ڏني هئي پر سڀ ڪوڙ تي مبني نڪتو جو ڊپٽي ڊئريڪٽر عقيلا جلباڻي کي ٻيهر ڪاروائي ڪرڻي پئي مئينيجر کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ۽ ڪارخانو ٻيهر سيل ڪيو۔
مئل جانورن ۽ ڪڪڙين جي باقيات مان تيل ڪڍڻ ۽ انجو ڪاروبار ڪرڻ وارو معاملو ڪو نئون ناهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ سميت پوري ملڪ اندر وڏن شهرن جي گنجان علائقن ۾ هلندڙ آهي جيڪو تيل مختلف ڪمپنين جي نالن سان بند دٻن پئڪٽن توڙي کليل نموني وڪرو ٿئي ٿو گهڻو ڪري هوٽلن پڪوڙن سموسن ۽ بيڪرين وارا استعمال ڪن ٿا جنهن سان دل ۽ پيٽ جون بيماريون عام جام ٿي ويون آهن۔فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي توڙي ٻين ادارن پاران ڇاپا هنيا ويا آهن گرفتاريون به ڪيون وڃن ٿيون پوء به هن موذي ڪاروبار کي پاڙون پٽڻ ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي۔هي ته تيل جو معاملو آهي پر هن ملڪ جو مسلمان ماڻهو مئل ۽ حرام جانورن جو گوشت مڇي ۽ گندي پاڻي تي پئدا ٿيندڙ سائي ڀاڄي به واپرائي ٿو جنهن جو ڪاروبار به بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي هلي ٿو ڪا به سزا ناهي جڏهن ته اهڙن ڪاروباري ماڻهن کي موت جي سزا ۽ سندن ملڪيتون ضبط ٿيڻ گهرجن۔
سنڌ سميت ملڪ اندر جتي جتي به کاڌ خوراڪ سميت تيل پئدا ڪندڙ ڪارخانا آهن شاپنگ مال يا ريزڪي جا دڪان آهن انهن جي حساب سان فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جو عملو ۽ آفيسون گهٽ آهن۔جيڪڏهن آهن به ته انهن جو عملو هڪ ته غير تجربيگار ٻيو وٽن جديد لئباريٽريون ۽ چڪاس وارا اوزار نه هجڻ جي برابر آهن جو هو موقعي تي چڪاس ڪري گهربل نتيجا وٺي سگهن۔کير به بنهه ملاوٽ ۽ ڪيميڪل وارو هاڻ عام جام وڪرو ٿئي ٿو جنهن سان به پيٽ ۽ ڪينسر جون بيماريون عام جام ٿي چڪيون آهن۔کير جو عام هنڌن تي کليل وڪرو بند ڪري ٻاهرين ملڪن جيان بند بوتلن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ۽ وڪرو ڪندڙ لائسنس هولڊر هجڻ گهرجن جنهن سان حڪومت کي ٽئڪس به ملندو۔هونئن به هن وقت بند پئڪٽن ۾ کير وڪرو ٿئي ٿو جيڪو ڪيميڪل واري کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحتمند آهي۔اسان گوشت مڇي ساين ڀاڄين کير تيل تي ته آڱريون کڻيون ٿا پر کاڌي جي ٻين شين مختلف مصالحن هيڊ ڪارين ڳاڙهين پيٺل مرچن ڌاڻن جيري وغيره ۾ ٿيندڙ ملاوت کي ڪڏهن به سيريس ناهي ورتو جن ۾ به ملاوت ٿي رهي آهي انهن جا نمونا به لئباريٽري ۾ چڪاس ٿيڻ گهرجن جن سان به پيٽ خراب رهي ٿو۔ريزڪي دڪاندارن وٽ ملاوتي مصالحو گهڻو وڪامجي ٿو جو کين منافعو گهرجي۔
ملڪ مان جيڪڏهن ملاوٽ ۽ حرام شين جو ڪاروبار ختم ڪرڻو آهي ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪنزيومرس مئجسٽريٽ مقرر ڪرڻا پوندا جن کي ڳريون سزائون ڏيڻ جا اختيار هجن۔فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي وسيع ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ فوڊ ٽيڪنالاجي جا ماهر ۽ گريجوئيٽ ملازم آفيسر رکڻا پوندا جن کي ڪنزيومر ڪورٽس جي مئجسٽريٽن جي نگراني ۾ ڇاپا هڻڻ گهرجن جيئن اقربا پروري رشوت جو عنصر نه هجي۔ رهيو سوال ميرپور خاص تيل جي ڪارخاني واري معاملي جو ته جڏهن اهو سيل ٿيو مٿس ڏنڊ لڳو ته فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جو اهو ڪهڙو طاقتور ڪامورو هو جنهن ڪارخاني جي سيل ٽوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو جو اهو راتو رات سيل ٽوڙي کوليو ويو جنهنڪري ڊپٽي ڊئريڪٽر محترمه عقيلا جلبلاڻي کي ٻيهر ڇاپي هڻڻ ڪارخاني کي سيل ڪرڻ ۽ مئينجر کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت پئي يا وري هو ڏنڊ ڀري ٻيهر انساني جانين سان راند رچائيندو۔