افغان طالبان عورتن ۽ ٻارن تي مشروط گهريلو تشدد کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت هڪ نئون فوجداري ضابطو لاڳو ڪيو آهي، جنهن کي سپريم ليڊر هيبت الله جي منظوري حاصل ٿي وئي آهي.
90 صفحن تي ٻڌل ان نئين قانون تحت 2009 ۾ اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ٺاهيل عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو قانون رد ڪيو ويو آهي ۽ عورتن ۽ ٻارن تي مشروط گهريلو تشدد کي قانوني طور جائز قرار ڏنو ويو آهي.
طالبان حڪومت جي نئين ضابطي موجب مڙس کي پنهنجي زال ۽ ٻارن تي جسماني تشدد جي مشروط اجازت ڏني وئي آهي، قانون تحت اهڙو تشدد جائز قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سان جسم جي هڏي نه ڀڄي يا ڪو کليل زخم نه اچي.
جيڪڏهن تشدد ايترو شديد هجي جو ان سان هڏي ڀڄي يا واضح فريڪچر ٿئي ته اهڙي صورت ۾ به مڙس کي وڌ کان وڌ 15 ڏينهن قيد جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
متاثر عورت لاءِ عدالت ۾ تشدد ثابت ڪرڻ جا شرط به ٻڌايا ويا آهن، جنهن موجب عورت کي مڪمل پردي ۾ رهندي جج کي پنهنجا زخم ڏيکارڻا پوندا، جڏهن ته عدالت ۾ مڙس يا ڪنهن مرد سرپرست جي موجودگي لازمي آهي.
ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪا پرڻيل عورت مڙس جي اجازت بنا مائٽن سان ملڻ وڃي ته ان کي 3 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.
نئين ضابطي جي آرٽيڪل 9 تحت افغان معاشري کي 4 ضابطن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ عالم، اشرافيا، وچولو طبقو ۽ هيٺيون طبقو شامل آهي، ان نظام تحت هڪ ئي ڏوهه تي سزا ان جي نوعيت يا سنگيني بدران جوابدار جي سماجي حيثيت جي بنياد تي ڏني ويندي.
ان قانون موجب جيڪڏهن ڪو عالم ڏوهه ڪري ته ان کي رڳو نصيحت تائين محدود رکيو ويندو، اشرافيا کي عدالت ۾ طلب ڪري مشورو ڏنو ويندو، وچولي طبقي لاءِ قيد جي سزا، جڏهن ته هيٺئين طبقي کي قيد سان گڏ جسماني سزا به ڏئي سگهبي.
سنگين ڏوهن ۾ جسماني سزائون ڏيڻ جو اختيار اصلاحي ادارن بدران مذهبي عالمن کي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.