زال جي سڳي ڀائٽي سان زيادتي ڪري نڪاح جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ شخص تي 10 لک رپيا ڏنڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڇوڪريءَ سان زيادتي ۽ ڪوڙي نڪاح جي دعويٰ ڪندڙ شخص تي 10 لک رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ محمد شهزاد جي اپيل خارج ڪندي چيو ته درخواستگذار پنهنجي زال جي سڳي ڀائٽي کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ ان کي شرعي نڪاح جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
عدالت عظميٰ چيو ته پٽيشنر اڳ ئي شادي شده آهي ۽ ان جي قانوني زال متاثر ڇوڪريءَ جي سڳي پڦي آهي، پڦي جي موجودگي ۾ ان جي سڳي ڀائٽي سان نڪاح جائز نٿو ٿي سگهي.
سپريم ڪورٽ چيو ته پٽيشنر قانوني رنڊڪ کان بچڻ لاءِ پهرين پهرين گهرواري کي طلاق ڏيڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي، ان انسانيت لڄائيندڙ فعل کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙي ڪهاڻي ٺاهي، جنهن جو ڪو قانوني ثبوت ناهي.
سپريم ڪورٽ پٽيشنر کي متاثر عورت مان پيدا ٿيندڙ ٻار جو حياتياتي پيءُ قرار ڏيندي چيو ته نڪاح ثابت نه ٿيڻ باوجود حياتياتي پيءُ پنهنجي ٻار کي خرچ ڏيڻ جو قانوني ۽ اخلاقي پابند آهي، معصوم ٻار کي غير قانوني تعلق يا تڪرار سبب بنيادي حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.
عدالت چيو ته پٽيشنر عدالتي عمل کي عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ اخلاقي طور تي دٻائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 14 تحت هر انسان جي وقار جي حرمت ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.