ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊ جي ملازمن کي ريگيولر نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايم ڊي سيڊا کي هٿڪڙيون لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيڊا ۽ ايريا واٽر بورڊ جي ملازمن 30 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ 20 هين گريڊ جي باقاعده عهدن تي سڌي ڀرتيڪرڻ جي باوجود ريگيولر ۽ ترقي نه ملڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو، سيڊا ملازمن جي وڪيل چيو ته 20هين گريڊ جي مکيه سڌي ڀرتي جي ڪيس جي باوجود، انهن کي هڪ سال اندر ريگيولر ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ايم ڊي سيڊا 2025 مکيه ايريا واٽر بورڊ جي ملازمن کي 2 هفتن اندر ريگيولر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي، 2016ع ۾ عدالتي حڪم باوجود سيڊا ملازمن کي نه ته ريگيولر ڪيو ويو ۽ نه ئي ترقيون ۽ ٻيا حق ڏنا ويا، عدالت کي گمراهه ڪندڙ ايم ڊي سيڊا پريتم داس کي هٿڪڙيون لڳائڻ جو حڪم ڏنو.