ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پيءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي ويندڙ نينگري هيٺ ڪرڻ کانپوءِ واٽر ٽينڪر هيٺان اچي فوت ٿي وئي، ڪياماڙي سڪندر آباد اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب هڪ نينگري حياتي وڃائي ويٺي، پوليس ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب فوت ٿيل نينگري جي سڃاڻپ 10 ورهين جي حسيبه ڌيءَ طاهر طور ڪئي وئي، جيڪسن ٿاڻي جي ايس ايڇ او مٺل شر ٻڌايو ته نينگري پنهنجي والد سان موٽر سائيڪل تي وڃي رهي هئي ته اوچتو موٽر سائيڪل تان ڪري پئي ۽ پٺيان ايندڙ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ اچي فوت ٿي وئي، پوليس واٽر ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو، جتي ٽينڪر جي مالڪ خلاف به وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري رکي وئي، جڏهن ته قانوني ڪارروائي بعد فوت ٿيل نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .