گڏاپ(ممتاز شيخ) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري ٻه ٻار فوت ٿي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب ٻارن جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي وقت ٻار گهر ۾ اڪيلا هئا ۽ امڪان آهي ته راند کيڏڻ دوران حادثو پيش آيو هجي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي، ٻئي پاسي ٻڌايو ويو ته واقعو خادم حسين سولنگي ڳوٺ ۾ گهر اندر پيش آيو، لاش پاڻي جي ٽانڪي مان ڪڍيا ويا، فوت ٿيل ٻارن جي سڃاڻپ 12 ورهين جي آصف ولد ڪاشف ۽ 10 ورهين جي عائشه طور سڃاڻپ ٿي، واقعي کان پوءِ گهر ۾ قهرام مچي ويو.