سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون سنڌ جي ادبي حلقن لاءِ رڳو هڪ تنظيمي عمل ناهن، پر اهي هر ڀيري سنڌي ادب جي حالت، رخ ۽ مستقبل بابت اجتماعي سوچ ويچار جو موقعو بڻجن ٿيون. اڄ، جڏهن ٻيهر ادبي قيادت چونڊجي آئي آهي، ته اهو سوال وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو ته ادب جو ڪارج ڇا آهي، سنڌي ادبي سنگت جھڙن ادارن کي ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ڇا ڪرڻو آھي ۽ سنڌي ادب هن بدلجندڙ دور مان ڇا سکي سگهي ٿو.
ادب ڪنهن به سماج لاءِ رڳو وندر يا فني مشق نه آهي، بلڪه اهو انساني شعور جي تعمير، سماجي قدرن جي تشڪيل ۽ اجتماعي يادگيريءَ جي حفاظت جو هڪ بنيادي ذريعو هوندو آهي. تاريخ جي هر دور ۾ ادب اهو طئي ڪندو رهيو آهي ته سماج پاڻ کي ڪيئن ڏسي ٿو، پنهنجي ماضي کي ڪيئن سمجهي ٿو، ۽ مستقبل لاءِ ڪهڙا اهم سوال اٿاري ٿو. سنڌي ادب جي روايت ۾ اهو ڪردار واضح رهيو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کان وٺي جديد دور جي افسانن ۽ مضمونن تائين، ادب هميشه سنڌي سماج سان سڌي ريت ڳنڍيل رهيو آهي. اڄ جڏهن لکڻ، پڙهڻ، ڇپجڻ ۽ پڙهندڙن تائين پهچڻ جا طريقا بنيادي طور تبديل ٿي رهيا آهن، تڏهن سنڌي ادب لاءِ به هي سوال نهايت اهم بڻجي ويو آهي ته هو هن نئين ادبي دنيا مان ڇا سکي سگھي ٿو ۽ پنهنجي حيثيت کي ڪيئن ٻيهر ترتيب ڏئي سگهي ٿو.
ادب جا مقصد ڪڏهن به خاموش ۽ جامد نه رهيا آهن. قديم زباني روايتن ۽ وڏن قصن ۾ ادب سماجي ضابطن ۽ اخلاقي قدرن کي منتقل ڪرڻ جو ذريعو هو. پوءِ جڏهن لکڻي عام ٿي، ته ادب تاريخ، مذهب، فلسفي ۽ طاقت سان جڙيو. جديد دور ۾ ادب فرد جي داخلي دنيا، سماجي تضادن ۽ سياسي بي انصافيءَ کي بيان ڪرڻ لڳو. شاعري، ڪهاڻي، ناول، مضمون ۽ ڊرامو اهي سڀ انساني تجربي کي مختلف زاويَن کان سمجهڻ جا طريقا آهن. سنڌي ادب وٽ اهي سڀ صنفون موجود آهن، پر مسئلو صنفن جي کوٽ نه، بلڪه فڪري جرئت، نون تجربن، عالمي ادب سان سلھاڙجي سکڻ ۽ کليل سماجي ڳانڍاپي جي گهٽتائي آهي.
ادب جو هڪ بنيادي ڪم انساني همدردي پيدا ڪرڻ آهي. ادب، پڙهندڙ کي ٻين ماڻهن جي زندگين ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿو، جتي هو انهن جي درد، خوف، اميد ۽ ناانصافيءَ کي محسوس ڪري سگهي. جديد سماجن ۾، جتي انگ اکر ۽ پاليسيون انساني تجربن کي غير مرئي/ڏسڻ ۾ نه ايندڙ بڻائي ڇڏين ٿيون، اتي ادب انساني چهري کي واپس آڻي ٿو. سنڌ جهڙي سماج ۾، جتي غربت، وسيلن جي ورڇ ۾ شديد ڏاڍائي، پنھنجو وجودي سوال، بي انصافي، عورتن کي مڪمل ڪنڊائتو ڪرڻ ۽ ماحولياتي بحران ھرپاسي جون، ھر وقت ۾ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ حقيقتون آهن، اتي سنڌي ادب جي ذميواري ٻيڻي کان به وڌي وڃي ٿي. ادب رڳو جيڪڏھن انهن مسئلن کي بيان ڪري، پر انهن جي انساني معنيٰ کي اجاڳر نه ڪري، ته اهو پنهنجو اخلاقي ڪردار نٿو نڀائي.
ادب سماج لاءِ صرف آئينو نه، پر سوال پيدا ڪندڙ قوت به آهي. تاريخي طور تي وڏو ادب هميشه طاقت جي بي رحمي، سماجي تضادن، بي انصافين ۽ اخلاقي زوال کي بي نقاب ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ به مزاحمتي ۽ تنقيدي روايت موجود رهي آهي، پر جديد دور ۾ ان کي وڌيڪ منظم ۽ باخبر ٿيڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي دنيا ۾ ادب کي سماجي سائنس، تاريخ ۽ سياسي شعور سان ڳنڍڻ کانسواءِ سماج تي اثرانداز ٿيڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ادب جو ٻيو اهم ڪردار گڏيل يادگيريءَ جي حفاظت آهي. ٻوليون تڏهن زندهه رهنديون آهن، جڏهن انهن ۾ سماج جي يادگيريون محفوظ ٿينديون رهن. سنڌي ادب وٽ لوڪ ڪهاڻين، ڪلاسيڪل شاعري ۽ تاريخي بيانين، حڪايتن ۽ داستانن جو وڏو خزانو موجود آهي، پوين ڏھاڪن ۾ ان کي ڪي قدر محفوظ به ڪيو ويو آھي. پر اڃان به گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏهن انهن کي جديد تحقيق، تشريح ۽ ٻيهر تخليقي بيان سان محفوظ نه ڪيو ويو ته اهي نئين نسل کان ڪٽجي سگهن ٿيون. جديد سنڌي ادب لاءِ اهو ضروري آهي ته هو لوڪ ادب کي ماضيءَ جي يادگار طور نه، پر زندهه سماجي متن طور پيش ڪري. سنڌي ادب تي ڪيل پي ايڇ ڊي تحقيقون گھڻو ڪري ڪنڊائتيون آھن، جيڪڏھن ڪجهه ڪتابن جي صورت ۾ ڇپيل به آھن، اھي ورلي ئي ادبي بحثن يا سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين جو حصو ٿين ٿيون۔
تخليق بابت جديد تحقيق واضح ڪري ٿي ته تخليقي صلاحيت رڳو ذاتي ڏات جو نتيجو نه هوندي آهي، بلڪه ان تي ذهني حالت، سماجي ماحول، ثقافتي قدر ۽ مادي وارتائون به اثرانداز ٿين ٿيون. ليکڪ جيڪڏهن معاشي ھيڻائپ، سماجي اڪيلائي يا ادبي ادارن جي بي حسيءَ ۾ ڦاٿل هجي، ته تخليق جو تسلسل متاثر ٿئي ٿو. سنڌي ادب لاءِ اهو هڪ سنجيده مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ليکڪن لاءِ ادبي ادارا، پبلشنگ جا موقعا ۽ تخليقي سھڪار بنھه گھٽ آهن. نتيجي ۾ ڪيترائي ليکڪ يا ته خاموش ٿي وڃن ٿا يا ٻيو در وسائن ٿا.
ادبي قدرن جي پرک هميشه صرف متن جي معيار سان نه ٿيندي آهي، پر اهو به ڏٺو ويندو آهي ته اهو متن ڪهڙي نظام ۾ پيدا ٿيو آهي. ماضي ۾ يونيورسٽيون، ادبي رسالا، نقاد ۽ انعام ادبي معيار طئي ڪندا هئا. اهي ادارا هڪ قسم جي ”ادبي دروازي“ جو ڪم ڪندا هئا. اڄ اهو نظام ٽٽڻ لڳو آهي. ڊجيٽل پليٽ فارمز، سوشل ميڊيا ۽ الگورٿمز ادب جي مقبوليت ۽ پهچ کي نئين شڪل ڏئي رهيا آهن. هاڻي ڪتابن جي قسمت گهڻو ڪري آن لائين بحث، جذباتي ردِعمل ۽ شيئر ٿيڻ جي رفتار سان جڙيل آهي. جنھن ۾ سنڌ ٿوري اڳڀري ۽ گھڻي پٺتي آھي۔
هي تبديلي سنڌي ادب لاءِ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي. هڪ پاسي اھو خطرو آهي ته ادب سطحي ڪيفيتن ۽ تڪڙي ردِعمل تائين محدود ٿي وڃي. ٻي طرف هي هڪ تاريخي موقعو به آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ليکڪ روايتي دروازن کان سواءِ به پڙهندڙن تائين پهچي سگهن ٿا۔ خاص طور نوجوانن ۽ ڊائسپورا/ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌين تائين. ان ڏس ۾ امر فياض ٻرڙو، سائين عبدلمجيد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ، سني پنھور، محمد سليمان وساڻ ۽ ڪئي نوجوانن جو اھم ڪردار آھي۔ سوال اهو آهي ته سنڌي ادب هن ڊجيٽل دنيا سان ڪيئن جڙي، بنا اصول جي گھاڙيٽي ۽ قبوليت سان يا فڪري حڪمت عمليءَ سان؟
سنڌي ادب کي ڊجيٽل پليٽ فارمز کي ادب لاءِ ”دروازو“ سمجهڻ گهرجي. آڊيو ڪهاڻيون، آن لائين رسالا، پوڊڪاسٽ ۽ مختصر وڊيوز پڙهندڙ کي ادب ڏانهن لاڙي سگهن ٿا، پر بنيادي متن، گھرائي ۽ فڪري تسلسل قربان نه ٿيڻ گهرجي. ٻوليءَ جي فونٽس، آن لائين ڇپجڻ ۽ ڊجيٽل پڙهڻ جي سهولت تي به سنجيده ڪم ڪرڻو پوندو، نه ته نئون نسل سنڌي پڙهڻ کان پري ٿيندو ويندو.
هڪ اهم فڪري سبق نوآبادياتي/ بيٺڪي تنقيد مان به ملي ٿو. عالمي ادبي نظام ۾ مغربي ٻولين کي ”مرڪز“ ۽ مقامي ٻولين کي ”حاشي“ تي يا ڪنڊائتو بڻايو ويو. اھا ڪا فطري ورڇ نه، پر تاريخي طاقت جو نتيجو آهي. سنڌي ادب کي هن احساسِ ڪمتري مان نڪرڻو پوندو. ان جو حل شڪايت نه، پر تخليق، تحقيق، عالمي ادب جو مطالعو، اعتماد ۽ ترجمو آهي. سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ سان گڏ عالمي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ ضروري آهي، جيئن فڪري بحث ٻطرفو ٿئي ۽ شعوري ڏي وٺ پڻ ٿئي.
تعليم ادب جي بقا لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. جيڪڏهن يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ادب کي رڳو امتحاني مضمون طور پڙهايو وڃي، ته پڙهندڙ پيدا نه ٿيندا. ادب کي سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سماج کي سمجهڻ جو ذريعو بڻائڻو پوندو. جديد تدريسي طريقا، تخليقي لکڻيون، ۽ مقامي موضوعن تي ٻڌل مطالعو نئين نسل کي ادب سان ڳنڍي سگهي ٿو.
اخبارون هن سموري ادبي نظام ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اخبارون رڳو خبرون نه، پر فڪري رخ به طئي ڪنديون آهن. جيڪڏهن سنڌي اخبارن ۾ سنجيده ادبي مضمون، فڪري بحث ۽ سلسليوار افسانن لاءِ جاءِ هجي، ته ادب ٻيهر عوامي زندگيءَ جو حصو بڻجي سگهي ٿو. ادب کي مرڪز ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪافي سنڌي اخبارن جا ڊجيٽل ورشن صبح سان اچي ٿا وڃن۔ ڪجهه مشھور اخبار ڊجيٽل اخبار کي ھڪ ته دير سان آڻين ٿا وري اھي به عجيب فارميٽ ۾!
سنڌي ادب جو مستقبل ان جي لچڪ ۾ آهي؛ اهڙي لچڪ جيڪا روايت کي وساري نه، پر ان کي نئين سماجي، فڪري ۽ ٽيڪنالاجيڪل حالتن سان سلھاڙي سگھي. جيڪڏهن سنڌي ادب بدلجندڙ ادبي سرشتي مان سکڻ جي همت ڪري، ته اهو نه رڳو تڪڙو وڌندو، پر سماج کي سمجهڻ، سوال ڪرڻ ۽ سنوارڻ ۾ وڌيڪ اثرائتو بڻجي سگهي ٿو.
ادب هميشه سماج کان اڳتي هلندو آهي! پر اسان کي سمجھڻ کپي ته اھو صرف تڏهن ممڪن آھي، جڏهن سماج ان کي هلڻ جي جاءِ ڏئي.