ڪتاب "الھندو ڦٽل نارو” (تحقيقي جائزو) تي ھڪ نظر

عبدالخالق سنديلو

اسان جي پياري دوست احمد علي سومرو جو تازو تحقيقي ڪتاب "الھندو ڦٽل نارو” (تحقيقي جائزو) شايع ٿيو آهي، جنهن لاءِ هن دوست ڇهه ست سال پئي تياري ڪئي. ماڻھن کان انٽرويوز ورتا خاص طور جيڪي وڏي عمر جاھئا جن الھندي ڦٽل ناري جو اوج پنھنجي اکين سان ڏٺو ۽ پنھنجيون يادون ونڊيون. ان کان علاوه موجوده دور جا ماڻھو جيڪي ھن ناري جي ميسارجڻ جا اکين ڏٺا شاهد آھن ۽ اھي ماڳ مڪان گھميا جتي جتي هن ڦٽل ناري جا نشان اڄ تائين موجود آهن.

"الھندو ڦٽل نارو” منهنجي اکين اڳيان آهي جنھنجا موجوده باقي بچيل نشان به واضح طور تي تيزيءَ سان مٽجي رھيا آھن. ھاڻي جيڪڏهن اسان کانپوءِ يا ڪتاب جي ليکڪ دوست احمد علي سومرو جي عمر کان پوءِ جي نوجوانن کان پڇبو ته توهان "الھندي ڦٽل ناري” بابت ڇا ٿا ڄاڻو ته مونکي يقين آهي ته ڪوبه نوجوان ان متعلق ڪجههه به نه ٻڌائي سگهندو. احمد علي سومرو ھن تيزي سان گم ٿيندڙ "الھندي ڦٽل ناري” جي رھجي ويل نشانن تي ھڪ ٿڪائيندڙ تحقيق ڪري سچ ته ھن ۾ ڄڻ جان وجهي ڇڏي آهي.

ھي ڪتاب صرف "الھندي ڦٽل ناري” متعلق ڪيل تحقيقي جائزو ئي ناھي پر ھڪ جيئري جاڳندي تاريخ آھي جنھن کان اسانجو اڄ جو نوجوان بلڪل اڻ واقف آهي. ڪتاب پڙھندي دل ئي نه چوندي ته ھن مان ھٿ ڪڍجي يا ڪجهه حصو بعد ۾ پڙھجي. ڇاڪاڻ ته ھي ڪتاب ڪنهن ناول جيان لڳندو جنھن ۾ ھڪ قصي پٺيان ڪو ٻيو قصو ڳنڍيل ھجي.

ڪتاب ۾ ھڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته ھن ڪتاب ۾ پيش ڪيل تحقيق صرف لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ "نئون آباد” کان وٺي لاڙڪاڻي ضلعي جي آخري ديهه جادم ڪلھوڙو جي ڳوٺ "ڀوري جا ڀاڻ” تعلقو ميھڙ تائين آھي .يعني ھن تحقيق جو ھڪ تسلسل آھي ۽ ان تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي.

ھن تحقيق ذريعي نوجوان ليکڪ مستقبل جي محققن کي دعوت ڏيندي "الھندي ڦٽل ناري” تي وڌيڪ تحقيق لا۽ نوان در کولي ڏنا آهن. ڇاڪاڻ ته ھن ناري جو گس صرف ھتي ختم نٿو ٿئي بلڪه سندس نشان منڇر ڍنڍ تائين وڃڻ ٿا جيڪو پڻ محنت طلب تحقيقي ڪم آهي. اميد آهي ته مستقبل ۾ ڪو مرد مجاھد ضرور ھن تحقيقي ڪم ۾ ھٿ وجھندو ۽ ھن تاريخي ذميواري کي مڪمل ڪندو .دوست احمد علي سومرو جي اھڙي جاکوڙي تحقيقي ڪم تي کيس لکين واڌايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.