ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) شاهه لطيف ٽائون ۾ سي ٽي ڊي پاران گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. زخمي اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد يوسف ۽ سپاهي راجا جنيد شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سي ٽي ڊي ترجمان مطابق، مارجي ويل دهشتگردن ۾ جليل عرف فريد، نياز عرف ڪنگ ۽ حمدان عرف فريد شامل آهن. هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگھي. سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جو تعلق فتنت الهندستان بشير زيب نيٽ ورڪ سانآهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ پڻ واقعي واري هنڌ پهچي، 5 دستي بم ۽ هڪ هينڊگرنيڊ هٿ ڪيو جنهن کي ناڪارا بڻايو ويو. فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ مختلف ضلعن ۾ ناڪابندي ڪئي وئي.