ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران اي سي حاظم ڀنگوار تي حملو

ڪراچي (رپورٽر) لي مارڪيٽ ۾ حددخلين  خلاف آپريشن دوران اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار تي پيٽرول بم سان حملو ڪيو ويو، پر خوشقسمتي سان هو محفوظ رهيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي حاظم ڀنگوار ٻڌايو ته آپريشن دوران هڪ شخص طرفان پيٽرول بم ڦٽو ڪيو ويو، جنهن سان هڪ دڪان ۾ باهه لڳي وئي، پر هو ڪنهن به قسم جي نقصان کان محفوظ رهيو. حملو ڪندڙن مان ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دڪان ۾ لڳل باهه تي فوري طور ضابطو آندو ويو جڏهن ته آپريشن مڪمل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.