باجوڙ (م ڊ) باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورس جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻايو ويو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀتسان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو. فورسز جي بروقت ڪارروائي ۾، ڀارتي پراڪسي خارجي فتني سان واسطو رکندڙ 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڌماڪي سان ويجهيون عمارتون به متاثر ٿيون، جنهن ۾ هڪ ٻارڙي مارجي وئي ۽ 7 شهري زخمي ٿيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.