ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان ۽ سندس ڪابينا حلف کڻي ورتو. بنگلاديش جي صدر کانئن حلف ورتو، پاڪستان جي نمائندگي وفاقي وزير احسن اقبال ڪئي. بنگلاديش جي تيرهين جاتيا سنگسد جي نئين چونڊيل ميمبرن کان چيف اليڪشن ڪمشنر اي ايم ايم نصير الدين حلف ورتو. نامزد وزيراعظم طارق رحمان به پارليامينٽ ميمبر طور حلف کنيو. ٻئي پاسي ڍاڪا ۾، بنگلاديش جماعت اسلامي جي سربراهه شفيق الرحمان کي 13 هين قومي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو ويو. بنگلاديشي ميڊيا موجب، نائب امير سيد عبدالله محمد طاهر کي اپوزيشن جو ڊپٽي ليڊر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته نيشنل سٽيزن پارٽي جي ڪنوينر ناهيد اسلام کي اپوزيشن چيف وهپ مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ، نون چونڊيل ميمبرن جاتیا سنگسد ڀون ۾ حلف کنيو. بعد ۾، 11 پارٽي اتحاد جي اجلاس ۾ اهم عهدن لاءِ نامزدگيون ڪيون ويون.