بجلي جي اگهن ۾ 43 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) نيپرا هلندڙ مالي سال جي ٻئي ٽه ماهي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 43 پئسا في يونٽ واڌ جي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ واهپيدارن حڪومت جي انڪريمينٽل پيڪيج تي تنقيد ڪئي ۽ سي پي پي اي جي انگن اکرن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو. واڌ جي منظوري سان واهپيدارن تي 10.76 ارب رپين جو بار پوندو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا صارف به شامل آهن. نيپرا هاڻي انگن اکرن جو جائزو وٺندي ۽ آخري فيصلو جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.