اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت هر درخواست، اپيل يا ٻي عدالتي ڪارروائي سان هڪ مقرر ڪيل ماڊل فارم جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو آهي. ايڊيشنل رجسٽرار (عدالتي) نذر عباس پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب، فارم کي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ، ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ يا درخواست ڏيندڙ جي ذاتي حيثيت ۾ صحيح سان مڪمل ڪيو ويندو. سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته هي فارم عدالتي دستاويزن جو حصو هوندو ۽ درخواستن جي جاچ، درجا بندي ۽ بينچ جي جوڙجڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو ته جيئن ڪيسن جي اثرائتي ۽ منظم ٻڌڻي کي يقيني بڻائي سگهجي. هي فارم وفاقي آئيني عدالت جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود هوندو.
-
تيل اگهن ۾ واڌ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي: ڪاشف سعيد
ڪراچي/سکر (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو. هن چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ يوٽيلٽي بلن کان پريشان آهي، ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو عوام تي ڪارپيٽ بمباري وانگر آهي. رمضان المبارڪ کان اڳ تيل جي قيمتن ۾ اضافو غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ سحري ۽ افطاري جونبنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيدا ڪري ٿو. ڪاشف سعيد شيخ چيو ته احترامِ رمضان آرڊيننس تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.