اسڪولي ٻارن کي مفت کاڌو ۽ راشن ملندو: سنڌ حڪومت ۽ آمريڪا جو معاهدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت آمريڪي زراعت کاتي جي سهڪار سان صوبي جي 1300 سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻن لکن کان وڌيڪ شاگردن کي مفت پڪل کاڌو ۽ گهرن لاءِ راشن فراهم ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪري ورتو.
منصوبي تحت آمريڪا ميڪ گورن ڊول پروگرام ذريعي 80 ملين ڊالر مالي سهائتا فراهم ڪندو.
معاهدي تي صحيحن جي تقريب ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿي، جتي سنڌ حڪومت جي نمائندگي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ڪئي، جڏهن ته آمريڪا پاران آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون.
اها مفاهمتي يادداشت سنڌ حڪومت، آمريڪي کاتي زراعت، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ سيو دي چلڊرن وچ ۾ طئي ٿي آهي.
منصوبي تحت سنڌ جي چونڊيل پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن کي روزانو پڪل کاڌو ڏنو ويندو ۽ گهر لاءِ راشن پڻ فراهم ڪيو ويندو، پروگرام تي عملدرآمد سيو دي چلڊرن ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان ڪيو ويندو.
ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه چيو ته هي منصوبو غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ اسڪولن ۾ حاضري وڌائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارن ۾ غذائي کوٽ نمايان آهي، جيڪا نه رڳو صحت پر سکيا جي عمل تي به سخت اثر وجهي ٿي، اڄ اسان سنڌ ۾ تعليم ۽ غذائيت وسيلي روشن مستقبل جو بنياد وجهي رهيا آهيون.
هن اميد ظاهر ڪئي ته پروگرام اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو، استادن، هيڊ ٽيچرن ۽ اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽين کي فوڊ سيفٽي ۽ نيوٽريشن بابت سکيا ڏني ويندي.
پروگرام لاءِ آمريڪي ڪڻڪ، دالون ۽ کاڄرو تيل فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ميوا ۽ ڀاڄيون مقامي آبادگارن کان خريد ڪيون وينديون، جنهن سان صوبائي معيشت کي به سهارو ملندو.
منصوبي تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ گڏيل اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.