ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر عثمان طارق چيو آهي ته بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي ڪيتريون ئي ميچون کٽرايون آهن، جيڪڏهن هڪ ميچ ۾ سٺو نه ٿيو ته اهو راند جو حصو آهي.
ڪولمبو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عثمان طارق چيو ته اسان غلطين تي ڪم ڪيو آهي ۽ ٻيهر غلطيون نه ڪنداسين ته ڏکيائي نه ٿيندي، ميچ کانپوءِ ميٽنگ ۾ اها ئي ڳالهه ٿيندي آهي ته اسان کان ڪهڙيون غلطيون ٿيون،مان محسوس ناهي ڪيو ته ٽيم دٻاءَ ۾ آهي، توهان اڳتي ڏسندئو ته اسان سٺو کيڏنداسين.
هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪري ڪا ٽيم دٻاءَ ۾ اچي ٿي ته ان سان اعتماد ملندو آهي، ڪو خاص تياري ڪندو آهي ته مان وڌيڪ سٺو ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيندو آهيان، اسان جو مقصد ٽائيٽل کٽڻ آهي، اها نه پيا ڏسون ته مخالف ڪير آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عثمان طارق چيو ته منهنجي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو سبب ايم ايس ڌوني آهي.
بابر ۽ شاهين ڪيتريون ئي ميچون کٽرايون آهن، ٽيم تي دٻاءُ ناهي، اڳتي سٺو کيڏنداسين: عثمان طارق
You might also like