رمضان المبارڪ: ڪراچي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ گيس فراهمي جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
ايس ايس جي سي جي اعلان موجب سحري لاءِ گيس رات 3 وڳي کان صبح 9 وڳي تائين ڏني ويندي ۽ افطاري لاءِ منجهند ساڍي 3 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ڏني ويندي.
باقي وقتن ۾ مجموعي طلب کي منظم ڪرڻ لاءِ گيس جي فراهمي معطل رهندي.
ڪمپني ٻڌايو ته گيس جي دٻاءَ ۾ بهتري لاءِ صبح 9 وڳي کان منجهند ساڍي 3 وڳي تائين گيس جي دٻاءَ جو جائزو ورتو ويندو ۽ پوءِ رات 10 وڳي کان 3 وڳي صبح تائين اهو عمل جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.