ڀارت جي خبر ناهي پر اسان فائنل کيڏنداسين: شاداب خان

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏندي.
ڪولمبو ۾ پريڪٽس سيشن دوران هڪ صحافي شاداب خان کان سوال ڪيو ته ڇا سيمي فائنل تائين هتي ئي آهيو؟ جنهن تي شاداب خان چيو ته فائنل تائين هتي آهيون.
صحافي پڇيو ته ڇا پاڪستان فائنل ڀارت سان کيڏندو؟ جنهن تي شاداب خان چيو الله بهتر ٿو ڄاڻي پر اسان فائنل کيڏنداسين.
واضح رهي ته پاڪستان کي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ سڀاڻي نميبيا خلاف ميچ لازمي کٽڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.