ڀارتين سميت 14 اڳوڻن ڪپتانن عمران خان لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف کي خط

عالمي ڪرڪيٽ جي 14 اڳوڻن ڪپتانن پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان عمران خان کي جيل ۾ بهتر سهولتون ۽ مناسب طبي امداد فراهم ڪئي وڃي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب 73 ورهين جي عمران خان جي صحت بابت تازين رپورٽن تي اڳوڻن رانديگرن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
اڳوڻن رانديگرن خاص طور عمران خان جي نظر جي خرابي ۽ ڊگهي قيد دوران حالتن تي سوال اٿاريا آهن.
اها درخواست اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان گريگ چيپل تيار ڪئي آهي، جنهن تي ڀارت جي سنيل گواسڪر ۽ ڪپل ديو سميت آسٽريليا، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ڪپتان صحيحون ڪيون.
اهو خط وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن موڪليو ويو آهي.
اڳوڻن ڪپتان چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان کي انصاف، احترام ۽ وقار جو درس ڏئي ٿي، تنهن ڪري عمران خان جهڙي جڳ مشهور شخصيت کي بنيادي انساني حق ملڻ گهرجن.
هنن مطالبو ڪيو ته عمران خان کي پنهنجي پسند جي ماهر ڊاڪٽرن کان طبي معائني جي اجازت ڏني وڃي، گهر ڀاتين سان ملاقات جي سهولت ڏني وڃي ۽ قانوني ڪارروائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪئي وڃي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪرڪيٽ سدائين قومن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ ميدان ۾ مقابلو ختم ٿيڻ کانپوءِ احترام باقي رهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.