ڪراچي: سپر هاءِ وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، عورت سميت 4 فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
افسوسناڪ واقعو سپر هاءِ وي ايم 9 تي پيش آيو، جتي ڊمپر ۽ وين ۾ ٽڪر کانپوءِ ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، حادثي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.