جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد واسڻ ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ سان مبينا طور اجتماعي زيادتي جو سنگين واقعو سامهون آيو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن موجب متاثر ناري پنهنجي مڙس سان گڏ ايئرپورٽ ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس شهر بانو عرف سارا بلوچ جي فرياد تي مولا بخش گلواڻي جکراڻي، اڪمل واگهو۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف اجتماعي زيادتي جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل آهي ته جوابدارن افضل خان کوسو روڊ تي واقع هڪ گهر ۾ سڏائي، هٿيار ڏيکاري ڌمڪيون ڏئي زيادتي ڪئي، جوابدارن وڊيو وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ۽ آواز اٿارڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ڊيڄاريو، واقعي کانپوءِ پوليس هڪ جوابدار اڪمل واگهو کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي، متاثر عورت کي ميڊيڪل جاچ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ملوث سمورن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.