عمران خان جي نظر 70 سيڪڙو بحال ٿيڻ جي دعوي! \ذاتي ڊاڪٽر غير مطمئن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪئي وئي. جنهن ۾ سندس نظر 70 سيڪڙو بحال ڏيکاري وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان جي طبي معائني جي شروعاتي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم جي ميڊيڪل رپورٽ عام ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ ڊاڪٽر عارف خان، جن سومر تي اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اکين جو طبي معائنو ڪيو، انهن پنهنجي دستخطن سان رپورٽ جاري ڪئي آهي. ميڊيڪل رپورٽ موجب، پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ۽ علامه راجا ناصر عباس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) اسپتال جو دورو ڪيو، جتي ڊاڪٽرن انهن کي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي صحت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.عمران خان جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم يوسف ۽ ڊاڪٽر خرم مرزا کي به فون تي 25 منٽن جي ڊگهي بريفنگ ڏني وئي. اکين جي ماهرن جي ميڊيڪل بورڊ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جو معائنو ڪيو. بورڊ ۾ الشفا ٽرسٽ آئي اسپتال جا پروفيسر ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ پمز اسلام آباد جا پروفيسر ڊاڪٽر محمد عارف خان شامل هئا.ميڊيڪل رپورٽ موجب، عمران خان جي نظر ۾ نمايان بهتري آئي آهي. چشمي کان سواءِ سندس ساڄي اک جي نظر 6/24 جزوي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سندس کاٻي اک جي نظر 6/9 رڪارڊ ڪئي وئي. چشمي جي استعمال سان، ساڄي اک جي نظر 6/9 جزوي ٿي وئي ۽ کاٻي اک جي نظر 6/6 ٿي وئي. هوڏانهن عمران جي ذاتي معالج،شوڪت خانم اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عاصم يوسف جو چوڻ آهي ته عمران خان جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر سندس نظر ۾ نمايان بهتري جي دعويٰ ڪري رهيا آهن پر مان ان جي تصديق ڪرڻ کان لاچار آهيان. ڊاڪٽر عاصم يوسف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ عمران خان جي صحت بابت هڪ اپڊيٽ جاري ڪئي آهي.ايڪس تي پوسٽ ڪيل بيان اسلام آباد ۾ عمران خان جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن سان هڪ ڪانفرنس ڪال ۽ تازي چيڪ اپ کان پوءِ جاري ڪيو ويو. ڊاڪٽر عاصم يوسف جي مطابق، هن گذريل رات 9:45 تي اسلام آباد ۾ ٻن ڊاڪٽرن سان فون تي ڳالهايو جيڪي عمران خان جو علاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته لاهور کان اکين جو ماهر ڊاڪٽر خرم عاصم مرزا پڻ ڪال جو حصو هو ۽ ڳالهه ٻولهه تقريبن 40 منٽن تائين هلي. رپورٽ موجب، نظر 6/36 کان 6/9 جزوي بهتر ٿي آهي، جيڪا هن مرحلي تي اطمينان بخش سمجهي وڃي ٿي. ميڊيڪل بورڊ ٻنهي اکين لاءِ نيوانڪ ۽ سسٽين الٽرا تجويز ڪيو آهي، جڏهن ته صرف ساڄي اک لاءِ ڪوسوپٽ آئي ڊراپس. ماهرن اينٽي وي اي جي ايف علاج مڪمل ٿيڻ کان پوءِ او سي ٽي اينجيوگرافي ۽ ايف ايف اي ٽيسٽ جو به مشورو ڏنو آهي.عدالت جي دوست جي رپورٽ ۽ اٽارني جنرل جي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطي ۽ طبي سهولتن جي خاطري کان پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان غير موثر درخواستن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيل ۾ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال تي مشتمل ٻه رڪني بينچ 12 فيبروري جي ٻڌڻي لاءِ 7 صفحن جو تفصيلي حڪم جاري ڪيو۽ 5 آگسٽ 2023 تي آخري فيصلو ٻڌايو.حڪم موجب، ٻئي رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون. عدالت مشاهدو ڪيو ته مجموعي طور تي قيدي جي رهائش، کاڌو، سيل جي حالت، معمول جي طبي چيڪ اپ ۽ سيڪيورٽي انتظام اطمينان بخش هئا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.