ويانا (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان غيرقانوني اميگريشن تي گڏيل پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجي يورپي ڀائيوارن سان ڪم ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن ويانا ۾ پاڪستان، آسٽريابزنس فورم کي خطاب ڪندي چئي. فورم کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان غيرقانوني اميگريشن جي خلاف آهي ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت پنهنجي يورپي دوستن، آسٽريا، فرانس ۽ جرمني سان گڏجي هن غيرقانوني هجرت تي گڏيل طور تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل طور تي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن اهو عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان آسٽريا جي هنرمند افرادي قوت جي طلب کي ان جي گهرجن موجب عالمي سرٽيفڪيشن تحت پورو ڪندو. خيال رهي ته هر سال ڪيترائي نوجوان پاڪستاني بهتر روزگار جي ڳولا ۾ غيرقانوني رستن ذريعي ملڪ ڇڏي وڃن ٿا. پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ وزيراعظم زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريا وچ ۾ ڊگهي وقت کان دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته معدنيات، کاڻين ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻئي ملڪ سهڪار ڪري رهيا آهن. وزيراعظم ٻڌايو ته هن آسٽريا جي قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ چيو هو انهن ڳالهين کي توڙ تائين پهچائڻ چاهي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جن کي جديد تربيت جي ضرورت آهي جنهن ۾ ليپ ٽاپ، اي آءِ ۽ آءِ ٽي تي ٻڌل اپاءَ شامل آهن. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان وٽ وڏي صلاحيت موجود آهي. سندس چوڻ هو ته هتي آسٽريا هڪ بهترين ڀائيواري ثابت ٿي سگهي ٿو جيڪو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تجربو فراهم ڪري ته جيئن نارنگي جي پيداوار ۾ ويليو ايڊيشن ڪري سگهجي، مارمليڊ ۽ جوسز تيار ڪري انهن کي آسٽريا، وچ اوڀر ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ برآمد ڪري سگهجي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، شهباز شريف جي ويانا ۾ آسٽريا جي چانسلر سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آسٽريا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان ۽ آسٽريا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل يادداشتن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ آسٽريا جي چانسلر گڏيل صدارت ۾ بزنس فورم ڪرايو ۽ پاڪستاني ۽ آسٽرين ڪمپنين وچ ۾ ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ اسلام آباد ۾ يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي به دعوت ڏني.