يو اي اي جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي لاءِ لازمي آهي : فيلڊ مارشل

ابو ظهبي (م ڊ) دفاعي فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي لاءِ لازمي آهن. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ابو ظهبي ۾ يو اي اي جي ڊپٽيحڪمران ۽ قومي سلامتي صلاحڪار شيخ طحنون بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر چيو ته ملاقات ۾ گڏيل سهڪار، معيشت، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي  تي بحث ڪيو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال، امن ۽ سيڪيورٽي کي هٿي  ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن تي زور ڏنو. پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، فيلڊ مارشل يو اي اي جي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي سهڪار  ٻنهي برادر ملڪن جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن جو مظهر آهي. فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي هٿي  ڏيڻ ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا پراڻا تاريخي لاڳاپا ۽ مضبوط اسٽريٽجڪ ڀائيواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.