شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور جي پلواشا ميٽرنٽي هوم ۾ ويم دوران ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب عورت فوت ٿي وئي، وارثن جو احتجاج پوليس جي ڊاڪٽرياڻي جي ڪلينڪ تي چڙھائي، پٽ گرفتار ڊاڪٽرياڻي جو بااثر کي فون، بااثر جي مداخلت تي ڊاڪٽرياڻي جو پٽ آزاد ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته نيوفوجداري ٿاڻي جي حد نم کبڙ موڙ وٽ قائم ٿيل پلواشا ميٽرنٽي هوم ۾ ويم لاءِ داخل ڪيل عورت ثوبيا زال ممتاز چانڊيو ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب فوت ٿي وئي، عورت جي وارثن پاران نيو فوجداري ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ بعد مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽرياڻي لبنا منگي پاران پوسٽ مارٽم کان اڳ ئي علائقي جي بااثر شخصيت معرفت راڄوڻي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، علائقي جي بااثر شخصيت پاران سول اسپتال ۾ وارثن سان ڊاڪٽرياڻي جي غلطي جو اعتراف ڪندي ڊاڪٽرياڻي مٿان ڪيس داخل نه ڪرائين، عيوض ميڙ سان گڏ ھر ڏوھ ڏنڊ ڀرڻ جو ذمو کنيو جنھن بعد وارثن پاران فوت ٿيل عورت جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، عورت جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارث سول اسپتال مان ايڌي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ عطر جي وانڍي نيو ويو، جتي کيس ڳوٺ ۾ نماز جنازه بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، ٻئي پاسي پلواشا ڪلينڪ تي چڙھائي ڪري پوليس غفلت ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي لبنا منگي جي پٽ ۽ ڪلينڪ تي ڪم ڪندڙ ملازم سميت گرفتار ڪري نيوفوجداري ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو، عورت جي وارثن پاران ٿاڻي تي لکت ۾ ڏيڻ بعد ڊاڪٽرياڻي جي پٽ ۽ ملازم کي آزاد ڪيو ويو، سول اسپتال ۾ عورت جي مڙس ممتاز چانڊيو چيو ته ڳوٺ کان گھر واري کي ويم سبب شھر جي پلواشا ڪلينڪ تي کڻي آيس ڊاڪٽرياڻي لبنا منگي پنجويھ ھزار زال کي ويم ڪرائيڻ جاورتا جيڪي ادا ڪيم گھر واري پٽ کي جنم ڏنو ھوش اچڻ بعد طبيعت معلوم ڪئي ته پيٽ ۾ سور شڪايت ڪئي، ڊاڪٽرياڻي کي چيو جنھن ورندي ڏني ته ٽاڪن جو سور آھي ختم ٿي ويندو، ائين ئي منهنجي گھر واري بيھوش ٿي وئي، ڊاڪٽرياڻي چيو ته ايمرجنسي ۾ سکر کڻائي وڃو ائين ئي منهنجي گھر واري دانھون ڪندي فوت ٿي وئي، چڱن مڙسن مداخلت ڪندي ڏوهه ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو چيو آهي، ڀلي ڊاڪٽرياڻي ڏوھ مڃي پر مھنجي گھر واري ته واپس نه ايندي مون سڀ ڪجھه الله تي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڊاڪٽرياڻي ۽ فوتي عورت جي وارثن ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي، ٽينجهي بعد فوتي عورت جي وارثن ڏانهن ميڙ منٿ قافلو ايندو ۽ ڏوهه ڏنڊ ڀري ڏنو ويندو.