جهلم ۾ مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار

جهلم (م ڊ) جهلم ۾ مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا تي اڪيڊمي اندر حملو ڪيو ويو، پوليس موجب حملي جي وقت محمد علي مرزا درس کانپوءِ فوٽو سيشن ۾ مصروف هو، حملي ۾ هو محفوظ رهيو، جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان نعرا هڻندي هٿين خالي محمد علي مرزا تي حملو آور ٿيو. گرفتار جوابدار جو تعلق ايبٽ آباد سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ سندس وابستگي هڪ  پابندي پيل جماعت سان هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، انجنيئر محمد علي مرزا تي حملي جو ڪيس ٿاڻو سٽي جهلم ۾ داخل ڪيو ويو.

  1. ڪراچي ۾ سوناري جي دڪان مان 30 ڪروڙن جو سون چوري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري جي واردات سامهون آئي، جتي اورنگي ٽائون قبال مارڪيٽ ۾ اڻڄاتل چور جيولري جي دڪان جي پٺين ڀت ڀڃي 30 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو سون ۽ هيرا چوري ڪري ويا، پوليس موجب جوابدار 606 تولا سون ۽ 25 لکرپين کان وڌيڪ ماليت جا هيرا کڻي ويا، واقعي جو ڪيس متاثر سوناري جي فرياد تي جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، متاثر سوناري ايوب خان اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو، ايوب خان پوليس کي ٻڌايو ته 12 فيبروري جي رات دڪان معمول موجب بند ڪيو هو، 14 فيبروري جي صبح دڪان کولڻ تي ڪيترائي سون جا باڪس خالي مليا، جاچ دوران معلوم ٿيو ته دڪان جي پٺئين  ڀت ڀڳل هئي ۽ تقريبن 7064 گرام سون، ڪجهه هيرا ۽ ٻيو سامان غائب هو، چوري ٿيل سامان ۾ گراهڪن جو سامان پڻ شامل هو، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪري ڇڏي، دڪان ۾ ٿيل واردات جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا، جنهن ۾ جوابدارن کي ڀت ڀڃي دڪان ۾ داخل ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار جا منهن ڪپڙي سان ڍڪيل هئا ۽ اندر داخل ٿيندي ئي ڪئمرائن کي ڪور ڪري ڇڏيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين ڪئمرائن بابت ڄاڻ هئي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي ويسٽ کان فوري ۽ تفصيلي رپورٽ ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.