رينجرز پاران چڪرا ڳوٺ مان 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ رينجرز دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڪورنگي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ گڏيل ڪارروائي دوران ٽن گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ ياسر عرفان، خدا بخش ۽ زاهد حسين بارڪزئي شامل آهن. پڌرائي موجب، جوابدارن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، انتهاپسنداڻي مواد تي ٻڌل 250 ڪتاب ۽ ليپ ٽاپ هٿ آيا. ترجمان موجب، جوابدار بندش پيل تنظيم لاءِ شاگردن جي ذهن سازي ۾ ملوث هئا. ان کان اڳ زاهد بارڪزئي جي گهرڀاتين ڪجهه ڏينهن اڳ سندس گمشدگي جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ کيس انساني حقن جي ڪارڪن طور ڄاتو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.