نواب ولي محمد ڀرسان ڀنڊ برادري ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ، 2 ٻارڙيون ۽ پيرسن قتل

نوابشاهه(ڊ ر) نواب ولي محمد ڀرسان بچل پور ڀرسان ڳوٺ الا بخش ڀند ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان ٻيهر خوني جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه معصومٻارڙيون ۽ پيرسن قتل ٿي ويا، جڏهن ته عورت سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ 45 سالن جو امداد ڀند، 11 سالن جي زرقون ۽ 8 سالن جي صدف شامل آهن، زخمي ۾ فاروق ڀنڊ، انتظار ڀنڊ، رخسانا (زال امداد ڀنڊ) رمالا (زال عزيز ڀنڊ)، حاضر (والد عابد ڀنڊ) فياض ڀنڊ ۽ سردارا (زال بخشل ڀنڊ) شامل آهن، زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ قاضي احمد آندو ويو، جتي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، علائقي ۾ خوف و حراس پکڙيل آهي، ٻئي پاسي ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ مارجي ويلن جي وارثن الهھ بخش ڀنڊ ۽ اختر ڀنڊ ٻڌايو ته برادري جي حاجي ڀنڊ ۽ روشن ڀنڊ پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي حملو ڪري ڏنو، ٻه ٻارڙيون ۽ پيرسن قتل ٿي ويا آهن، 7 ماڻهو زخمي آهن، مقتول جي وارثن موجب امداد حسين ڀنڊ، سندس ڌيءَ ۽ معصوم ڀائٽيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.