وفاقي محتسب طرفان ٻار جي پيدائش تي پيءُ کي به موڪل ڏيڻ لازمي قرار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي محتسب فوزيا وقار 30 ڏينهن جي پيٽرنٽي موڪل نه ڏيڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪندي ٻار جي پيدائش تي پيءُ کي به موڪل ڏيڻ لازمي قرار ڏنو آهي، بينڪ آفيسر سيد باسط علي کي پيٽرنٽي موڪل نه ڏيڻ تي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان تي پنج لک رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو، حڪم موجب ڏنڊ مان چار لک رپيا شڪايت ڪندڙ آفيسر سيد باسط علي کي ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته هڪ لک رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو، فيصلي ۾ فوسپاه شڪايت گذار کي مختلف پگهارن سميت 30 ڏينهن جي پيٽرنٽي موڪل ڏيڻ جو به حڪم ڏنو، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ کي ميٽرنٽي ۽ پيٽرنٽي موڪل ايڪٽ 2023 تحت واضح پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، فيصلي موجب پيٽرنٽي موڪل کان انڪار صنفي بنيادن تي هراسمينٽ جي برابر آهي، جڏهن ته ميٽرنٽي موڪل ڏيڻ ۽ پيٽرنٽي موڪل کان انڪار صنفي امتياز آهي، فوسپاه موجب ٻارن جي سار سنڀال رڳو عورتن جي ذميواري ناهي، پيٽرنٽي موڪل کان انڪار والدين جي گڏيل ذميواري ۽ ٻار جي بهترين مفاد کي نقصان پهچائڻ جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.