جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندا) جماعت اسلامي ڪراچي طرفان بلدياتي مسئلن جي حل ڪرڻ توڙي عوام جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ اسيمبلي آڏو جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ پوليس شيلنگ ۽ گرفتارين خلاف مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ سکر، دادو، جيڪب آباد، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، نوشهره فيروز، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، ڪوٽڙي، ٽنڊو محمد خان ۽ نواب شاهه شامل آهن. شرڪت ڪندڙن "ڪراچي کي جيئڻ ڏيو”، "ڪراچي کي پاڻي ۽ بجلي ڏيو”، "ڪراچي کي ان جا حق ڏيو” ۽ سنڌ حڪومت جي آمراڻن قدمن خلاف زوردار نعرا هنيا. پنهنجي خطاب ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن تي پوليس تشدد جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏيندي چيو ته مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پرامن شهرين خلاف رياستي دهشتگردي، گرفتارين ۽ پرتشدد فاشزم جو مظاهرو ڪندي آمريت جي دور کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي اهڙن حربڻ سان ڊيڄاري ۽ دٻايو نٿو سگھجي. شهري مسئلن ۽ عوامي حقن جي حل لاءِ جماعت اسلامي جي تحريڪ ڪراچي کان ڪشمور تائين جاري رهندي. نوشهري فيروز ۾، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو، ضلعي امير نعيم ڪمبوه، ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا ۽ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي سکر پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهري کي علامه حزب الله جکرو، سلطان لاشاري، شڪارپور ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امدادالله بجاراڻي، ٽنڊو محمد خان ۾ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف ملاح، بدين پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهري کي ضلعي امير علي مردان شاهه گيلاني، دادو ۾ ضلعي امير محمد موسيٰ ببر، ڪوٽڙي ۾ ضلعي امير محمد عمر، ٽنڊو الهيار ۾ ضلعي امير آصف ياسين ۽ رائو جاويد خان خطاب ڪيو،ڪراچي ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي منعم ظفر چيو ته پ پ جي آمريت قائم آهي،انهن اسان جي ماڻن تي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي، پ پ کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.