سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڀڃ ڊاهه تي جماعت اسلامي خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي طرفان ڪيل احتجاجي ڌرڻي ۽  ڀڃ ڊاهه خلاف آرام باغ ٿاڻي ۾ سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس 34 نامزد جوابدارن سميت 325 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڀڃ ڊاهه، روڊ بند ڪرڻ، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت، قلم 144 جي ڀڃڪڙي، دهشت گردي روڪ قانون سميت ٻين قانوني شقن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو، احتجاجي ڌرڻي دوران پوليس ڪارروائي ۾ جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ 30 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته وڳوڙ دوران پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار به زخمي ٿيا. ڪيس جي متن موجب جماعت اسلامي جي سينيئر قيادت صفيان ديلا، عثمان شريف، فيضان، جواد شعيب ۽ ٻيا اڻڄاتل سينيئر اڳواڻ احتجاج ۽ ڌرڻي جي سرپرستي ڪري رهيا هئا ۽ تقريرن ذريعي نفرت پکيڙي رهيا هئا، احتجاج ۾ 300 کان 325 ماڻهو شامل هئا، تقريرن ۽ ڌرڻي دوران شامل ماڻهو ڊنڊن، لاٺين ۽ هٿيارن سان ليس ٿي اوچتو  مڇرجي پيا ٿيا، جنهن بعد وڳوڙ ڪري پوليس مٿان حملا ڪيا ويا، انسپيڪٽر راجا مسعود، ايس ايچ او پريڊي ايوب ميراڻي، ايس ايڇ او انسپيڪٽر شاهه فيصل خان ۽ پوليس ڪانسٽيبل زوهيب زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.