ڪراچي ۾ 30 سالن کان رينجرز شاگردن جي هاسٽلن ۾ ويٺل آهي:شبر زيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ڪراچي سان اقتصادي نسل ڪشي ڪئي وئي آهي ،هن مسئلي تي عوام کي سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي،گورنر هائوس ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن تجويز ڏني ته پاڪستان کي ٻن معاشي زونز ۾ ورهائڻو پوندو،اتر وارو زون پنهنجو پيداوار ۽ خرچ ڪندو، راڄڌاني لاهور هوندو.ڏکڻ وارو زون  درآمد ۽ برآمد ڪندو، راڄڌاني ڪراچي هوندو.ڪراچي اقتصادي زون بڻجڻ لاءِ تيار آهي، ۽ ضروري آهي ته ان عمل کي روڪيو نه وڃي،هن چيو  ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي حالت خراب آهي، بلڊنگون ٽٽي ويل آهن ۽ شاگردن لاءِ سهولتون موجود نه آهن.هن گورنر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا ذريعي يونيورسٽين جي حقيقي صورتحال کي ظاهر ڪيو وڃي،هن چيو ته ڪراچي ۾ 30 سالن کان رينجرز موجود آهن، جيڪا صورتحال شاگردن ۽ شهر جي تعليم تي اثرانداز ٿي رهي آهي.هن سوال ڪيو ته دنيا ۾ ڪهڙو شهر آهي جتي ٽيهه ٽيهه سال کان پوليس ۽ رينجرز شاگردن جي هاسٽل ۾ ويٺل آهن؟معاشي ترقي ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪراچي کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.