حيدرآباد(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مهاجر ۽ سنڌي قوم پرستي جي بنياد تي ماڻهن کي ورهائيندڙ مافيا گذريل چاليهه سالن کان گڏجي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي. ملڪ تي پنهنجو راڄ مسلط ڪندڙ حڪمرانن ڄاڻي واڻي نوجوانن کي تعليم کانمحروم رکيو آهي.جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن لکين نوجوانن کي تعليم ۽ صلاحيتن سان آراسته ڪندا. انهن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد ۾ بنو قابل جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪاشف سعيد شيخ، حافظ طاهر مجيد، محمد يوسف، صدر الخدمت سنڌ ڊاڪٽر تبسم جعفري ۽ الخدمت حيدرآباد جي صدر نعيم عباسي پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته نوجوان نسل کي الخدمت جي مفت آئي ٽي ڪورسن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ فرسوده نظام ۽ غالب طبقن کان نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ جماعت اسلامي جي مدد ڪرڻ گهرجي.