ََ”ڪراچي ۾ جنوري 2026 دوران باهه جا 225 واقعا پيش آيا“

ڪراچي (پ ر) صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ سال 2026ع جي پهرين مهيني دوران باهه لڳڻ جا 225 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جنهن شهر ۾ باهه لڳڻ جي وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي، سنڌ جي بحالي واري کاتي  جي ماتحت ريسڪيو 1122 جي رپورٽ موجب ڪراچي۾ باهه لڳڻ جي واقعن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 83 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ 2 ٻار ۽ 8 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 24 ماڻهو زخمي ٿيا جن کي فوري امدادي ڪاررواين ذريعي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، بحالي واري کاتي بابت سنڌ  جي وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جو چوڻ آهي ته شهر جو سڀ کان وڏو افسوسناڪ ۽ خطرناڪ واقعو ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ پيش آيو، جتي سخت باهه سبب ڪيترائي ماڻهو عمارت ۾ ڦاسي پيا، جنهن تي ريسڪيو 1122 جي ٽيمن ۽ فائر فائٽرز وقت سر  موقعي تي پهچي سرچ اينڊ ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ آپريشن شروع ڪيو ۽ ڊگهي جاکوڙ کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. ان ڪارروائي دوران ڪيترن ئي شهرين کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو، گيانچند ايسراڻي ٻڌايو ته انگن اکرن موجب ضلعي سينٽرل ۾ باهه لڳڻ جا سڀ کان وڌيڪ 30 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته صدر، سهراب ڳوٺ ۽ گلبرگ ۾ 18-18 واقعا سامهون آيا. ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ 13-13، سائيٽ انڊسٽريل ايريا ۾ 11، لياري ۽ ڪورنگي ۾ 9-9، جڏهن ته لانڍي ۾ 3 واقعا رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح اورنگي ٽائون ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ 8-8، جڏهن ته منظور ڪالوني ۾ باهه لڳڻ جا 14 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي شهري علائقن ۾ حفاظتي انتظامن جي ضرورت کي چٽو ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.